غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطيينن جو انگ 15 سئو کان وڌي ويو

بيت المقدس: غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 15 سئو 37 ٿي ويو جن ۾ ساڍا چار سئو ٻار ۽ 248 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 7 هزار 2 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين پاڻي ۽ ٻارڻ فراهم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ريڊ ڪراس موجب غزه جي اسپتالن ۾ بجلي فراهمي بند ٿيڻ واري آهي، جنهن ڪري اسپتالون مرد خانن ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن، خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اتي صورتحال بدترين ٿيندي پئي پئي.

غزه جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيلي بمباري سان 15 سئو 37 شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 7 هزار 200 کان وڌيڪ زخمي آهن، شهيدن ۾ 450 ٻار ۽ 250 عورتون شامل آهن.

نقصان پهتو.
اسرائيلي بربريت ۾بي گهر ٿيل فلسطينين جو انگ 3 لک 38 هزار تائين پهچي ويو، 2 لک 20 هزار فلسطيني گڏيل قومن جي اسڪولن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ فلسطيني پنهنجي مائٽن ۽ گرجا گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

غزه جي پٽيءَ جي اڪيلي بجلي گهر ٻارڻ جي کوٽ سبب اربع ڏينهن ڪم بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي غزه ۽ اتان جون اسپتالون جنريٽرن تي هلي رهيون آهن، جنهن لاءِ تيل جي ضرورت آهي.
ريڊ ڪراس جي وچ اوڀر بابت علائقائي ڊائريڪٽر موجب ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل انساني صورتحال خراب آهي، هو ڌرين کي درخواست ٿو ڪري ته شهرين جون ڏکيائيون گهٽ ڪيون وڃن.
هن چيو ته غزه ۾ بجلي جي کوٽ سبب اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سان تازن ڄاول ٻارن کي انڪيوبيوٽر ۽ وڏي عمر جي مريضن کي آڪسيجن تي رکڻ جو خطرو آهي، گڙدي جي ڊائلاسز بند ٿي ويندي آهي.
اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين غزه کي بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسرائيلي توانائي واري وزير ڪاٽز موجب غزه جو گهيرو ان وقت تائين ختم نه ڪيو ويندو جيتائين اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ٿو ڪيو وڃي.
هن چيو ته يرغمالين جي آزاديءَ تائين ڪو به واٽر هائيڊرنٽ نه کوليو ويندو نه ئي ٻارڻ جي ڪا ٽرڪ غزه ۾ داخل ٿيندي.
هوائي ۽ سامونڊيءَ بمباري کانپوءِ اسرائيل غزه ۾ زميني آپريشن جي ڌمڪي ڏيندي ٽي لک ريزرو فوجي غزا جي سرحد تي موڪلي ڇڏيا جڏهن ته هٿيارن سان ڀريل امريڪي جهاز به اسرائيل پهچي ويو.
غزا ۽ اسرائيل جنگ واري معاملي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.
ٻئي پاسي حماس جي حملن ۾ 27 امريڪي شهرين ۽ 188 اسرائيل فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن حزب الله اسرائيل فوجين کي نشانو بڻائڻ جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔