ڊالر 279 رپين تي پهتو : سون 5500 رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري

ڪراچي : ڊالر 279 رپين تي پهتو، سون 5500 رپيا مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 5500 رپيا واڌ سان 199500 مان 205000 رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته چاندي 2600 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف   ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 280 مان 279  ۽ انٽر بينڪ  پڻ هڪ رپيو گهٽتائي سان 280.51 مان 279.51 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ  ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 347 مان 346 ۽ يور 294 مان 293 رپين تي پهچي ويا

ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ 334 پوائنٽن جي واڌ سان 48474 پوائنٽن تي بند ٿي، واضح رهي ته 8 ڏينهن ۾2241 پوائنٽن  جو اضافو  ٿيو، ٻئي طرف 10 ارب 52 ڪروڙ رپين جي ماليت جا 39 ڪروڙ 64 لک شيئرز وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 52 اربن جي واڌ سان 7140 اربن تي بند ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔