ڀارت جي دهشتگردي ڪينيڊا تائين پهچي چڪي آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد:  پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڪينيڊين سک شهري جي قتل مان ثابت ٿيو ته ڀارت جي دهشتگردي هاڻ ڪينيڊا تائين پهچي چڪي آهي. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته اسان جي شهرين ۽ ڪشميرين جي تحفظ کي پرڏيهي ملڪن جون حڪومتون يقيني بنائينديون.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب نگران پرڏيهي وزير جي افغانستان بابت آمريڪي سفير سان ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۽ افغانستان ۾ امن جي قيام تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪينيڊا ۾ سک شهري جي قتل واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون.

ترجمان موجب ڪينيڊا ۾ عدالت کان مٿانهين قتل مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي دهشتگردي ڪينيڊا تائين پهچي چڪي آهي. گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ڊوزٽيئر جاري ڪيو هو. هن ڊوزٽير ۾ ڀارت جي لاهور دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جون پڪيون شاهديون پيش ڪيون ويون. ڀارت طرفان ڪينيڊين سک شهري جي ڪينيڊا ۾ قتل سان ڀارتي قتل عام جو دائرو سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته پاڪستاني شهرين ۽ ڪشميرين جي تحفظ کي پرڏيهي ملڪن جون حڪومتون يقيني بنائينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔