ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت ملوث آهي: ڪينيڊين وزيراعظم

ٽورنٽو: ڀارت ۽ ڪينڊا جا لاڳاپا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آهن. ڪينيڊا ڀارتي سفارتڪار ۽ (را) جي سربراهه کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت ۽ ڪينڊا جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آهن. ڪينيڊا ڀارتي سفارتڪار کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ڪينيڊا ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) جي سربراهه پون ڪمار کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي

ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پارليامينٽ سان خطاب ۾ چيو آهي ته ڪينيڊين انٽيليجنس برديپ نجر جي موت ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ لاڳاپن جي نشاندهي ڪئي آهي. هن چيو ته اهو معاملو جي 20 اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي سان اٿاريو هو. ڪينيڊين زمين تي شهري جي قتل ۾ پرڏيهي حڪومت جو ملوث هجڻ اسان جي خودمختاري خلاف آهي.

ياد رهي ته خالصتان جي حامي سک اڳواڻ برديپ سنگهه نجر کي ڪينيڊا ۾ 18 جون تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ برديپ سنگهه جي قتل خلاف سکن سڄي دنيا ۾ مظاهرا ڪيا هئا.

ٻئي پاسي ڪينيڊا طرفان سخت قدم کڻڻ کان پوءِ ڀارتي پرڏيهي وزارت به ڪينيڊين سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو ويو. ملاقات ۾ سک اڳواڻ جي قتل جو ذميوار چوڻ تي ڏوراپا ڏنا ويا.

ڀارتي پرڏيهي وزارت ڪينيڊين سفير سان ڀارتي سفارتڪار جي بيدخلي تي احتجاج پڻ ڪيو ۽ ڪينيڊين سفارتڪار کي ملڪ بدري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڀارت ڪينيڊين سفارتڪار جي ملڪ بدري جو ڪوبه سبب ظاهر نه ڪيو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔