ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ ڪيترو آهي؟ اليڪشن ڪميشن انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ووٽرز جا انگ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 12 ڪروڙ، 69 لک 80 هزار کان وڌي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب 2018   ۾ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 ووٽرز رجسٽرڊ هئا، هاڻ اهو انگ 12 ڪروڙ، 69 لک 90 هزار کان وڌي ويو آهي

عورت ووٽرز جو انگ 84 لک 72 هزار 14 آهي. جڏهن ته مرد ووٽرز جو انگ 6 ڪروڙ 85 لک 8 هزار 258 تي پهتو آهي. پنجاب ۾ ووٽرز جو انگ 7 ڪروڙ 23 لک 10 هزار 582 آهي جڏهن ته سنڌ  ۾ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 66 لک 51 هزار 161 تي پهچي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 16 لک 92 هزار 391 آهي، بلوچستان ۾ ووٽرز جو انگ 52 لک 84 هزار 594 آهي. اسلام آباد ۾ ووٽرز جو انگ 10 لک 41 هزار 554 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ 17 کان 35 سال جي عمر جي ووٽرز جو انگ 5 ڪروڙ 70 لک 95 هزار 197 آهي. 36 کان 45 سال ووٽرز جو ٽوٽل انگ 2 ڪروڙ 77 لک 94 هزار 708 آهي، 46 کان 55 سالن جي عمر جي ووٽرز جو انگ 1 ڪروڙ 81 لک 24 هزار 28 تي پهچي ويو آهي. 56 کان 65 سالن جي ووٽرز جو گڏيل انگ 1 ڪروڙ 18 لک 89 هزار 259 تي پهچي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 66 کان وڌيڪ عمر وارن ووٽرز جو انگ 1 ڪروڙ 20 لک 77 هزار 80 تي پهچي ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔