سيبس يونيورسٽي ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جو چوٿون اجلاس وائيس چانسلرارابيلا ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

ڄامشورو؛ شھيد اللھ بخش سومرو(سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جو چوٿون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪئي، جنهن ۾ ايڊوائيزر فنانس اينڊ پلاننگ هيڪ اسلام آباد، انجنيئر ڊاڪٽر مظهر سعيد، ڊائريڪٽر فنانس هيڪ اسلام آباد، ثمينه دراني، ڊائريڪٽر فنانس هيڪ سنڌ، فيروز احمد مهر، سينڊيڪيٽ طرفان نامزد اميدوار فضل الاهي خان ۽ سيڪريٽري فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي سيبس يونيورسٽي ڄامشورو آصف علي شر شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي فيصلن جي تصديق ڪئي وئي. ڪميٽيءَ سيبس يونيورسٽي جي بسن ۽ بااختيار آفيسرن کي پئٽرول لاءِ ڪارپوريٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو جائزو ورتو ۽ منظوري ڏني، ڪيمپس ۾ بئنڪ برانچ کولڻ، مالي سال 23-2022ع جي آڊٽ فرم کان آڊٽ ڪرائڻ، تجارتي سرگرمين لاءِ انٽليڪچوئل پراپرٽي پاليسي ٺاهي سنڊيڪيٽ کي سفارش ڪرڻ، ملازمن جي ڪم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرفارمنس الاؤنس متعارف ڪرائڻ ۽ تدريسي شعبن ۾ عارضي انتظامن لاءِ وزيٽنگ، ڪانٽريڪٽي ۽ ٻئي فيڪلٽي کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مناسب آپشن جي سفارش ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔