نواز شريف ۽ شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ راجا رياض وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن: اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
راجا رياض لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ان دوران هن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ن کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته ملاقات ۾ سياسي گفتگو ٿيندي، نواز شريف جي واپسي ۽ چونڊن جو موضوع هوندو.
هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم فيصلا ٿيندا، مان 15 فيبروري چونڊن جي تاريخ ڏني آهي، ان کان اڳ يا پوءِ ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي شاندار آجيان ٿيندي، ان جو پنهنجو ووٽ بئنڪ آهي، ن ليگ پراڻي جماعت آهي، ان جا فالوئر گهرائي تائين آهن، ن ليگ کي چونڊن کان ڀڄڻو هجي ها ته نواز شريف نه موٽي ها.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔