پاڪستاني چانور جي ڊمانڊ وڌي وئي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ برآمد ٿيندو

ڪراچي: پاڪستاني چانور کي ميڪسيڪو ۽ روس جي ويزا ملي وئي، رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن هن سال 50 لک ٽن چانور برآمد ڪري 3 ارب ڊالر ڪمائيندي.
رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيلا رام ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته پاڪستان مان چانور جي خريداري لاءِ ميڪسيڪو ۽ روسي ٽيمن ملڪي رائس پروسيسنگ پلانٽس جي جاچ کانپوءِ پاڪستاني چانور لاءِ پنهنجي منڊين کي کوليو آهي

هن چيو ته انڊونيشيا به 90 هزار ٽن چاور پاڪستان کان خريد ڪيا آهن، فلپائن ۾ به پاڪستاني چانور جي گهر آهي.
چيلا رام مافياز خلاف آپريشن کي صحيح ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته آرمي چيف جي معاشي قدمن کي ساراهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ چانور برآمد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ سبب پاڪستاني چانور جي طلب وڌي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔