سپريم ڪورٽ پاران ڪجهه نيب ترميمون ڪالعدم قرار، سياستدانن تي ڪرپشن ڪيسَ بحال

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ بي نامي جي تعريف ، آمدن کان وڌيڪ اثاثن ۽ استغاثا جي ثبوتن تي منتقل ڪرڻ جي نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ سياستدانن جا 50 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جا ڪرپشن ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر نيب کي منتقل ٿي ويا .

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين پاران نيب ترميمن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي . سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ  جي آئيني درخواست سماعت جي قابل قرار ڏيندي ان تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو .

اڪثريتي فيصلي ۾عدالت اهو قرار ڏنو ته عوامي عهدن تي ويٺل مڙني ماڻهن جا ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا .عدالت 50ڪروڙ جي حد کان گهٽ ٿيڻ تي ختم ڪيل سڀئي ڪيس بحال ڪري ڇڏيا ۽ انهن کي احتساب عدالت ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .نيب کي ستن ڏينهن ۾ سمورو رڪارڊ لاڳاپيل عدالتن کي موڪلڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو .

اهو فيصلو ٽي رڪني بئنچ ٻڌايو .چيف جسٽس ۽ جسٽس اعجازا لحسن اڪثريتي فيصلو ڏنو ، جڏهن ته ٽئين جج منصور علي شاهه اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو .فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڪيترين ئي شقن کي آئين جي ابتڙ قرار ڏنو . فيصلي ۾ پلي بارگين جي حوالي سان ڪيل نيب ترميم به ڪالعدم قرار ڏني وئي .

سپريم ڪورٽ جي ان وڏي فيصلي سان آصف علي زرداري  جا جعلي اڪائونٽ ڪيسز واپس احتساب عدالت منتقل ڪيا ويندا ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ايل اين جي ڪيس اسپيشل جج سينٽرل کان احتساب عدالت واپس منتقل ٿيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔