ڏوهارين خلاف آپريشن جون تياريون شروع، رينجرس ۽ پوليس جا جوان ڪچي ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا

سکر: سکر ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڊي جي رينجرز جي نگراني آپريشن جون تياريون شروع، رينجرس ۽ پوليس جا جوان ڪچي ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ نگران سنڌ حڪومت جي فيصلي تي عمل جي شروعات ٿي ويو.
سکر ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اطهر وقاص جي نگراني ۾ ڪچي مان ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن جون تياريون شروع ٿي ويون.
سکر سنڌ رينجرز جا اسپيشل ڪمانڊوز سميت 3 هزار کان وڌيڪ جوان آپريشن لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي جي علائقن ۾ پهچي ويا آهن.
ذريعن موجب سکر سنڌ رينجرز ۽ سنڌ پوليس جا اهلڪار گڏيل طور تي آپريشن ڪندا.
سکر سيڪٽر ڪمانڊر شھباز رينجرز برگيڊيئر وسيم اختر جي سربراهي ۾ جوان ڪچي جي علائقي ۾سرچ آپريشن لاءِ پهچي ويا.
ڏوهارين جي ڏوهي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ انڊس هائي وي سميت ڪچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چوڪيون قائم ڪيون پيون وڃن.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪچي مان مغوين جي بازيابي، ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن و امان جي بحالي تائين آپريشن جاري رهندو.
ياد رهي ته نگران وزير اعلي سنڌ طرفان ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪچي وارن علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن جي منظوري ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔