هاڻي ڪارروائي نظر ايندي، سسٽم ۾ موجود خاميون ختم ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

ڪراچي : آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، هاڻي ڪارروائي نظر ايندي، عوام کي به اسان مان اميدون آهن، انشاءَ الله بهتر ڪنداسين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته ماضي ۾ نه وڃڻ گهرجي، عدالت ۽ عوام جي اميدن کي نااميدي ۾ ناھي بدلائڻو

اسان کي ڪجهه ڪرڻو آهي، توهان پاڻ ٻڌائيندئو ته تبديلي آئي آهي يا نه، سسٽم ۾ خاميون آهن، اسان کياهي خاميون ختم ڪرڻيون آهن، ھڪ ٻن ڏينھن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي

امن امان جي صورتحال تي قدم کڻي رهيا آهيون، سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون بدليون ڪيون ويون آهن، ڏوهارين جو خاتمو ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔