لاهور: ڇوڪرين کي جيئرو ساڙيندڙ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور: لاهور ۾ گهر جي ڇت تي ٻن ڇوڪرين کي جيئرو ساڙيندڙ جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب هي واقعو 3 مهينا اڳ لاهور ۾ پيش آيو هو، جتي گهر جي ڇت تي ٻن ڇوڪرين کي جيئرو ساڙيو ويو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عرفيق ساڙيل هڪ ڇوڪري جو مڱيندو هو، ڇوڪري جي وڏي ڀيڻ جي شادي عتيق جي وڏي ڀاءُ سان ٿي هئي.
پوليس موجب گرفتار جوابدار عتيق حاضر سروس سرڪاري ملازم آهي، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔