اسلام آباد:سينيٽ سيڪريٽريٽ پيپلز پارٽي طرفان ايوان جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ جمع ڪرايل ريڪوزيشن ۾ ڪجهه صحيحن کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعواڻ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 27 ميمبرن جي صحيح سان گڏ ريڪوزيشن جمع ڪرائي وئي.
شهادت اعواڻ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر دنيش، عطاءُالرحمان ۽ شفيق ترين پنهنجون صحيحون شامل نه ڪرڻ جو چيو جڏهن ته رضا رباني، پلوشه خانه، روبينه خالد، شميم آفريدي، محمد اڪرم جي صحيح ميچ نٿي ڪري.
سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس گهرائڻ جي لاءِ جمع ڪرايل ريڪوزيشن قائدن تي پوري نٿي لهي.
ياد رهي ته پيپلز پارٽي جڙانوالا واقعي تي بحث جي لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ اجلاس گهرائڻ جي ريڪوزيشن جمع ڪرائي هئي.