سڄي ملڪ ۾ اڄ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: دين اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس باوفا ساٿين جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، شڪارپور، لاهور، اسلام آباد، ڪوئٽه سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ روايتي جلوس ۽ تعزيه برآمد ڪيا پيا وڃن. ان دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ چاليهي جي موقعي تي مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو جيڪو روايتي رستن کان گذرندو امام بارگاهه حسينيه ايرانيان تي اختتام پذير ٿيندو. جلوس جي گذرگاهن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي. جلوس جي سيڪيورٽي تي 6 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ رينجرز جا اهلڪار به مقرر آهن. ان کان علاوه سي سي ٽي وي جي مدد سان جلوس جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي

امام حسين جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جلوس دوران هيلي ڪيم اڏائڻ تي پابندي هوندي.

حيدرآباد ۾ چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن جڏهن ته مختلف علائقن ۾ مجلسون برپا ڪيون ويون آهن.

لاڙڪاڻو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي نسبت سان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا جڏهن ته  مختلف هنڌن تي پوليس پاران جلوس جي گذر گاهن ۽ مجلسن وارن هنڌن تي ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن.

سکر جي مختلف شهرن  ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا آهن.  سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته مختلف شهرن ۾ مجلسون منعقد ڪيون ويون آهن.

لاهور ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مرڪزي جلوس حويلي الف شاهه مان برآمد ٿي ويو جيڪو مرڪزي رستن کان ٿيندو گامي شاهه تي اختتام پذير ٿيندو. لاهور پوليس سيڪيورٽي پلان جوڙي ورتو آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز علي رضوي وجب مرڪزي جلوس تي چار هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن.

هوڏانهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ حضرت امام حسين جي چاليهي جي موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ خصوصي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. چاليهي لاءِ اسلام آباد پوليس ۽ ٻين قانن لاڳو ڪندڙ ادارن جا 2500 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر آهن. جلوس جي روٽ تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪليئر ڪندو. جڏهن ته جلوس جي ڊرون ڪيمرائن ذريعي وڊيو رڪارڊنگ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔