کنڊ جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي: کنڊ جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، مختلف شهرن ۾ کنڊ جي ڊبل سينچري مڪمل، في ڪلو 200 رپين ۾ وڪرو، حڪومتي اعلان ۽ نوٽيس  منافع خورن کي لغام نه وجهي سگهيا،  بجلي ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ بعد مهانگائي عوام کان  دانهون ڪڍي ڇڏيون

 کنڊ به پنهنجي ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي، ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي، ڪوئٽا ۾ کنڊ  جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ 205 رپيا في ڪلو ٿي وئي، هڪ هفتي دوران ڪوئٽا ۾کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 35 رپين جو اضافو ٿي چڪو

 پشاور ۾ به کنڊ جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافو ڏٺو ويو، پشاور جي عام مارڪيٽن ۾ 100 رپيا في ڪلو  ملندڙ کنڊ هاڻي 200 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي

 هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 178 رپيا  في ڪلو ۽ ريٽيل مارڪيٽ ۾ 200 رپيا  ڪلو تائين پهچي وئي،  سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه  ۾ به کنڊ جي ڊبل سينچري ٿي وئي آهي

 شهرين جو چوڻ آهي ته غريب مري رهيا آهن، ڪنهن کي به انهن جي پرواهه ناهي، عوام جو نگران حڪومت کان رليف جو مطالبو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔