بجلي جا 400 يونٽ استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت بجلي جي بلن ۾ ريليف جي باري ۾ جامع پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي. 400 يونٽ استعمال ڪندڙن کي ريليف ڏيڻ جو پلان غور هيٺ آهي.

ذريعن موجب پلان جي تحت بجلي جي بنيادي يونٽن کي مرحليوار وڌائڻ، جڏهن ته بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ سهوليت ڏيڻ جي  به تجويز آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي وئي آهي. ڏنل پلان جي تحت صارف کي بجلي جا بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي سهوليت ڏيڻ جي تجويز آهي. آءِ ايم ايم طرفان راضپو ظاهر ڪيو ويو ته ٻن مهينن جي لاءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو

ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ 250 ارب روپين جي ريليف جي لاءِ رقم جمع ڪرائڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن کي قسطن ۾ وٺڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت لکت ۾ گارنٽي ڏيندي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب هنگامي طور تي بجلي جي چوري کي روڪڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو آهي. بجلي جا  400 يونٽ استعمال ڪندڙن کي ريليف ڏيڻ جو پلان به غور هيٺ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔