سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ  سنڌ صوبي ۾ سرڪاري نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين تي پابندي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم  طرفان فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو. هن عدالتي حڪم  کان پوءِ به ٿيل ڀرتين جا تفصيل پيش ڪيا

فرغ نسيم چيو ته پراڻين تاريخن ۾ ڀرتيون ڪيون پيون وڃن سڄي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي. سموريون نوڪريون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالتي حڪمن جي باوجود سڄي سڄي رات آفيسون کليل رهيون. پراڻين تاريخن ۾ اپائنٽمينٽ ليٽر ڏنا ويا ۽ اهو ڪم 10 ڏينهن هلندو رهيو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وڃي.

فروغ نسيم چيو ته جون جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪيترين نوڪرين جا اشتهار ڏنا ويا ان جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنر جي نوڪري ڏني پئي وڃي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪنهن به ڌر کي نوٽيس ۽ درخواست جي ڪاپي نه ملي آهي. جيڪڏهن ڪنهن اداري وٽ ڪاپي نه هجي ته جواب ڪيئن ڏيندو؟

ٻڌڻي دوران سنڌ جناح ميڊيڪل ڪاليج طرفان فيضان ميمڻ وڪالت نامو جمع ڪرايو ۽ چيو ته اسان سيبا ذريعي ڪابه نوڪري نه ڏني آهي. جيڪي نوڪريون ڏنيون آهن اهي سينڊيڪٽ جي منظوري کان پوءِ ڏنيون آهن ان ۾ ڪوبه واڪ ان انٽرويو نه ٿيو آهي. ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي جمع ڪرايل دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بنائي ورتو ۽ نوڪرين تي لڳايل پابندي جي حڪم ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔