سون اڄ به سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به سوين رپين جي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 26 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 94 هزار 444 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 889 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔