انوار الحق ڪاڪڙ ملڪ جو اٺون نگران وزيراعظم بڻجي ويو

اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر عارف علوي نگران وزيراعظم کان حلف کڻايو

حلف برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي

انوار الحق ڪاڪڙ ملڪ جي اٺين نگران وزيراعظم طور حلف کنيو، انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان سان آهي

انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان عوامي پارٽي جي بانيڪار ميمبرن مان آهي، نگران وزيراعظم ٿيڻ بعد هن پارٽي رڪنيت تان استعيفا ڏني

2018ع ۾ انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽر ٿيو هو، سينيٽ جي ميمبرشپ تان به هو استعيفا ڏئي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔