ڄامشورو: سيبس يونيورسٽي ڄامشوري پاران اعليٰ تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي جي مقرري لاءِ صورتحال جي فيصلي جي ٽيسٽ جي طريقيڪار بابت مشاورتي ورڪشاپ ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. ورڪشاپ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) پاران سنڌ ريسرچ سپورٽ پروگرام تحت هڪ تحقيقي منصوبي جو حصو هو. وفاقي هيڪ پنهنجي ريجنل آفيس ڪراچي ۾ ورڪشاپ جي سهولت فراهم ڪئي. سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو تحقيقي پروجيڪٽ جي مک تحقيق ڪندڙ جي حيثيت سان دانشورانه خيالن ۽ تجويزن لاءِ ورڪشاپ ڪرايو. شرڪت ڪندڙن کي چئن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو ھو ۽ انھن کي موضوع سان سلهاڙيل سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ سوالناما ڏنا ويا. ورڪشاپ ان لحاظ کان انتهائي ڪارآمد ثابت ٿيو ڇو ته سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي مختلف يونيورسٽين جي مک عملدارن باصلاحيت فيڪلٽي ميمبرن کي مقرر ڪرڻ جو مناسب طريقو معلوم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون. انهن زور ڀريو ته هڪ فيڪلٽي ميمبر کي قوم کي ايندڙ نسلن لاءِ تيار ڪرڻو آهي ۽ سندس تقرري جو معيار اعلى تعليمي ادارن جي ٻين سڀني اسٽيڪ هولڊرز کان وڌيڪ اهم آهي.
ان موقعي تي وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، وائيس چانسلر صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، ريڪٽر آءِ او بي ايم ڪراچي پروفيسر ڊاڪٽر طارق رحيم سومرو، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي ڊاڪٽر رياض سومرو، زيبسٽ ڪراچي مان ڊاڪٽر خالد حميد، ڊي يو ايڇ ايس جي نازلي حسين، نائيس مان ڊاڪٽر مظفر ايڇ شاهه، نيوپورٽ انسٽيٽيوٽ آف ڪميونيڪيشن ڪراچي جي فرحت زهرا، ڪراچي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر شائستہ تبسم، جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر امجد علي، ڊي ايس يو ڪراچي مان برگيڊيئر پروفيسر ڊاڪٽر آصف اقبال، انڊس يونيورسٽي ڪراچي جي پروفيسر ڊاڪٽر ظفر ناصر، ماجو ڪراچي کان ڪاشف علي خان، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر سعديه اڪرم، KASBIT مان پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف محمود ۽ گرين ويچ يونيورسٽي جي ربنواز شرڪت ڪئي. آخر ۾ سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو پاران سمورن شرڪت ڪندڙن کي شيلڊون ڏنيون ويون.