اسلام آباد: 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ نيب کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي.
رپورٽ موجب احتساب عدالت ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي
عمران خان جي گرفتاري واري معاملي تي ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو حوالو سامهون آيو جج محمد بشير چيو ته جيڪڏهن نيب وارا گرفتار ڪن ٿا ته هتان کان ته سٺو ٿيندو؟ آصف زرداري ته پاڻ چوندو هو ته مون کي جيل اماڻي ڇڏيو، خبر ناهي هن کي ڇا ٿيو آهي؟
عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته اسان جي اوهان کي درخواست آهي ته اسان کي هڪ موقعو ڏيو اسان ڄاڻي واڻي ائين نه ڪري رهيا آهيون.
عدالت هدايت ڏني ته بشريٰ بي بي کي نيب گرفتار نه ڪري. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ هاڻ نيب هٿان به عمران خان جي گرفتاري ٿي سگهي ٿي.
اهڙي طرح توشه خانه نيب انڪوائري ڪيس ۾ به پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. اهو فيصلو احتساب عدالت جي جج محمد بشير ٻڌايو ۽ نيب جي بيان جي روشني ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست اُڪلائي ڇڏي.
نيب موجب 190 ملين ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ برقرار آهن. هاڻ نيب کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي.