سي سي آءِ مردمشماري جي منظوري ڏني ته چونڊون 2024ع ۾ ٿينديون،ڪنور دلشاد

اسلام آباد: اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) مردمشماري 2023ع جي نتيجن جي منظوري جي لاءِ گڏيل مفادن وري ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 5 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي.
ان حوالي سان اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد جو چوڻ هو ته سي سي آءِ گڏيل مردمشماري جي منظوري ڏني ته عام چونڊون گهٽ ۾ گهٽ 15 فيبروري 2024ع تائين پوئتي ٿي وينديون.
هن ٻڌايو ته نئين مردم شماري جي گزٽ نوٽيفڪيشن ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن قانوني طور تي نئين سر تڪ بنديون ڪرائڻ جو پابند آهي، جنهن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 3 مهينن جي آئيني مدي کانسواءِ ٽي مهينا واڌو واڌ به گهربل هوندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔