سنڌ ۾ هر هڪ ٻار کي 30 منٽن جي اندر ايمرجنسي ڪيئر فراهم ڪئي ويندي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ هر هڪ ٻار کي 30 منٽن جي اندر ايمرجنسي ڪيئر فراهم ڪئي ويندي آهي

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻارڙن جي سار سنڀال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 2010 ۾ چائلڊ لائف سان گڏ ڀائيواري شروع ڪئي هئي، ساليانو هڪ ملين کان وڌيڪ ٻارڙن جو علاج ڪيو ويندو آهي

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪو به ٻار عالمي معيار جي مفت هنگامي سهولتن کان 24ڪلاڪ 7ڏينهن 30منٽن کان پري نه آهن،  اسان 2018 ۾ ڪراچي جي 5سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي ريسپانس سروسز قائم ڪيون هيون

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 2019ع ۾ صوبي جي 5اسپتالن جي ايمرجنسي ريسپانس سروس جي منظوري ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ڏني هئي

سمورن ضلعن ۾ ٽيلي ميڊيسن سينٽرز 2020ع کان تعلقي هيڊڪوارٽرز ۾ فعال آهن، چائلڊ لائف کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ۽ مون کي انهن ڪاميابين تي فخر آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد عوام کي نتيجو ڏيندڙ معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔