اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسٽيٽ  بينڪ جي گورنر ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايندڙ 2 مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ 2 مهينن جي لاءِ وياج جي شرح کي 22 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. جميل احمد چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي ۾ لاٿ جو امڪان آهي. ايندڙ 2 مهينا مهانگائي جي شرح 20 کان 22 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. جڏهن ته ايندڙ سال ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي.

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ٻڌايو ته امپورٽ تي لڳايل پابنديون هٽايون ويون آهن. جولاءِ ۾ ناڻي جا مٽاسٽا وارا ذخيرا 4.2 ارب ڊالر وڌيا آهن ۽ هن وقت اسان جي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 8.2 بلين ڊالر آهن. هن چيو ته ڊسمبر ۾ اسان جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي. ايندڙ مالي سال جون ڪجهه ادائيگيون رول اوور ٿي وينديون.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔