آءِ جي سنڌ کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي اختيارن جي حوالي سان تاريخي حڪم جاري ڪيو آهي، عدالت آءِ جي کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول سوسائٽي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته آءِ جي سنڌ بااختيار ناهي، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينا سندس اختيارن ۾ مداخلت ڪن ٿا

عدالت اهڙي حڪم تي تاريخي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته پوليس جي ڪم ۾ وڏو وزير ۽ ٻيا وزير مداخلت فوري طور ختم ڪن

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي ٽن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ نه هٽايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔