زوب ۾ دهشتگردن جو حملو، سنڌ واسي ٻن جوانن سميت 4 اهلڪارشهيد

ڪراچي: بلوچستان جي علائقي زوب گيريزن تي دهشتگردن جو حملو، سنڌ واسي ٻن جوانن سميت 4 اهلڪارشهيد ٿي ويا، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائيءَ ۾ 3 دهشگرد به مارجي ويا

 آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن تي حملو ڪيو، واقعي ۾ 4 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن ۾ همايون واسي جوان محمد يوسف بروهي ۽ ميهڙ واسي غلام مصطفيٰ سولنگي به شامل آهن

آءِ ايس پي آر موجب فورسز جو علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ذريعن موجب دهشتگردن جي حملي ۾ عورت سميت 5 شهري به زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيوويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔