9 مئي جي سانحي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه هلائڻ جو فيصلو

لاهور: 9 مئي تي فوجي تنصيبات تي حملن ۾ ملوث 18 سالن کان گهٽ عمر جي عورتن ۽ ماڻهن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب 9 مئي تي فوجي تنصیبات سميت سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث 18 سالن کان گهٽ عمر جي عورتن ۽ ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ هلايا ويندا، جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي دوران جوابدارن کي وڪيل جو حق ڏنو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي خاندان کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ملاقات جي اجازت ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان چيئرمين پي ٽي آءِ جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه وزيرن جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪيس عدالتن ۾ هلڻ گهرجي.
ذريعن موجب حڪومت عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ چاهي ٿي، اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ کان 4 يا 5 ڏينهن اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن کي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 90 ڏينهن ملندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ نگران وزيراعظم جو معاملو طئي ناهي ٿيو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔