پي ڊي ايم اي پنجاب ۾ امڪاني ٻوڏ جو هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) پنجاب صوبي ۾ امڪاني ٻوڏ جو هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب 8 کان 10 جولاءِ دوران جهلم درياءَ، ستلج، راوي ۽ چناب ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.

ڀارت طرفان راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي ڇڏڻ جي خطري کان پوءِ ٻوڏ وڌڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز سميت صوبائي کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سمورن کاتن کي فوري طور تي انتظام مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

پي ڊي ايم اي پنجاب جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز سميت صوبائي کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. سمورا کاتا فوري طور تي انتظام مڪمل ڪن. ٻئي طرف لاهور ۾ اڄ به تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ 10 ڪلاڪن دوران 291 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جنهن سانوڻي برسات جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو. مختلف واقعن دوران 12 ڄڻا فوت پڻ ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔