ايم ايف معاهدي جو اثر هر گذرندي ڏينهن بهتري جي صورت ۾ نظر ايندو: اسٽيٽ بئنڪ گورنر

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جو اثر هر گذرندي ڏينهن بهتري جي صورت ۾ نظر ايندو.
ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته ملڪي معيشت ڪيترائي ڀيرا چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، هن وقت اسان جو ڌيان مستقل معاشي ترقي تي آهي.
هن چيو ته پاڪستاني بئنڪنگ قانون جديد گهرجن موجب آهن، اسٽيٽ بئنڪ آزاد ۽ خود مختيار ادارو آهي، ان جو سپروائزري فريم ورڪ مضبوط آهي، اسٽيٽ بئنڪ جون 16 هزار کان وڌيڪ برانچون ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جون مختلف اسڪيمون مختلف شعبن کي فنانسنگ فراهم ڪري رهيون آهن، جديد ٽيڪنالاجي سان ماڻهو گهر ۾ ويهي پنهنجو اڪائونٽ هينڊل ڪري سگهن ٿا.
پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جميل احمد چيو ته آءِ ايم ايف معاهدو هاڪاري اڳڀرائي آهي، معاهدي جو اثر هر گذرندي ڏينهن بهتري جي صورت ۾ نظر ايندو، معاهدي سان ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا به بهتر ٿيندا، جڏهن ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔