مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو

ڪراچي: پيپلز پارٽي جو اميدوار مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو نئون ميئر چونڊجي ويو.

اڄ ڪراچي جي ميئر لاءِ چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو جنهن دوران پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کنيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي حافظ نعيم 153 ووٽ کنيا .

چونڊن جي نتيجي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مرتضيٰ وهاب ميئر جي عهدي لاءِ ڪامياب قرار ڏنو ويو.

ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم کي پولنگ اسٽيشن جو قرار ڏنو ويو جتي تقريبن 303 چونڊيل ماڻهو موجود رهيا

پولنگ هال ۾ داخلا جي لاءِ صبح ساڍي 10 وڳي جو وقت رکيو ويو هو. ميمبرن جي سڃاڻپ لاءِ آرٽس ڪائونسل جي ٻاهران 4 ڪائونٽر بنايا ويا آهن. چونڊيل نمائندن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ کان پوءِ ووٽنگ ڪارڊ جاري ٿيندو. آرٽس ڪائونسل ۾ ميمبرن جي موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي.

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد هو ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ جي ناراض چيئرمينن جي حمايت حاصل هئي. اهڙي صورتحال ۾ نمبرگيم جي هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔