سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي باوجود خطرو برقرار

سامونڊي طوفان بائپرجواءِ جي ڪمزور ٿيڻ باوجود سنڌ ڏانهن چڙهائي جاري، طوفان ڪراچي کان 340، ٺٽو کان 355 ۽ ڪيٽي بندر کان 275 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو

 پي ڊي ايم اي جي سائيڪلون سينٽر ڪراچي موجب طوفان سڀاڻي ٽپهري جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي مان گذرندو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان 17 جون تائين ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ۾ طوفاني هوائن سان وسڪارا شروع ٿي ويندا انهن ضلعن ۾ هڪ سئو کان 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به گهلنديون

 اڄ کان ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به وسڪارا شروع ٿي ويندا، وسڪارن جو اهو سلسلو 16 جون تائين جاري رهڻ جا امڪان آهن، انهن ضلعن ۾ هوائون 60 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔