سامونڊي طوفان جا اثر: ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلوجاري

ڪراچي: عرب سمنڊ مان ايندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي اثرن سبب ڪراچي شهر ۾ تيز هوائن سان هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي موجب صدر، اولڊ سٽي ايريا ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ سميت مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات شروع ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب اوڀر، اتر ۽ اولهه کان 40 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون  لڳي رهيون آهن. هوائن جي رفتار اڄ 36 کان 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رهندي.

موسميات کاتي موجب شهر جو گرمي پد 37.6 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 37 سيڪڙو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔