سائڪلون الرٽ: طوفان شدت اختيار ڪندي ڪراچي کي ويجهو پهچي ويو

ڪراچي: عربي سمنڊ مان اڀرندڙ سامونڊي طوفان بيپر جوئي شدت اختيار ڪرڻ کانپوءِ سخت سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي ٽيون سائيڪلون الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن موجب عربي سمنڊ ۾ بيپر جوئي نالي طوفان شدت اختيار ڪرڻ بعد سخت طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي موجب گذريل 12 ڪلاڪن دوران بيپر جوئي جو رخ اتر طرف مسلسل جاري آهي، طوفان جو فاصلو ڪراچي کان وڌيڪ گهٽجي ويو آهي، اڄ منجهند جي وٿي 1340 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
سامونڊي طوفان جي چوڌاري 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، سامونڊي طوفان بيپر جوئي کان پاڪستان جي ڪنهن به ساحلي علائقي کي ڪو به خطرو ناهي، سموري صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔