شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس چوڌري عبدالعزيز تي ٻڌل سنگل بينچ پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي کي ڪنهن ٻئي ايم پي او آرڊر تحت گرفتار نه ڪيو وڃي

شاهه محمود قريشي پاران سندس وڪيل تيمور ملڪ ۽ ڌيءَ گوهر بانو پيش ٿيا

حڪومت پاران اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل عابد عزيز راجوري پيروي ڪئي

عدالت ڊي سي راولپنڊي جي ٿري ايم پي او آرڊر کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔