پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن ڌار گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور:  پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪندڙ اڳوڻن صوبائي اسيمبيل ميمبرن ڌار گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب  تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪندڙ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو ڌار گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳوڻي گهرو وزير ڪرنل(ر) هاشم ڊوگر ۽ اڳوڻي  تعليم بابت صوبائي وزير مراد راس به سرگرم ٿي ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

اڳوڻي گهرو وزير ڪرنل(ر) هاشم ڊوگر چيو ته هڪ وڏو گروپ اڄ گڏ هلڻ جو اعلان ڪندو.  عوام ڪڏهن به پي ڊي ايم سان گڏ نٿي ٿي سگهي اسان صورتحال ڏسي رهيا آهيون وقت تي اعلان ڪيو ويندو هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا ڪارڪن بي يارو مددگار نٿا ٿي سگهن.اسان فوج مخالف بيانن خلاف آهيون پر پي ڊي ايم سان گڏ نٿا ٿي سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔