جاويد اختر ۽ مان هڪٻئي کي قتل ڪرڻ پئي چاهيو: شبانه اعظمي

ڪراچي: ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا شبانه اعظمي پنهنجي مڙس ۽ بالي ووڊ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ موسيقار جاويد اختر جي هڪٻئي کي مارڻ جي ارادي جو انڪشاف ڪيو آهي

شبانه اعظمي تازو هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جاويد اختر ۽ مان ايترو ته وڙهندا هئاسين جو ٻنهي هڪٻئي کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو

هن چيو ته اسان ٻنهي ۾ ڪيترائي جهيڙا ٿيا پر ٻنهي جي دوستي واحد سبب هئي جنهن ڪڏهن به شادي جي رشتي کي ٽٽڻ نه ڏنو

هن چيو ته اسان ٻئي هڪٻئي سان تمام گهڻو ملندڙ جلندڙ آهيون، ٻئي ڪميونزم سان پيار ڪندڙ شاعرن جي اولاد آهيون، جيڪي هندي فلمن لاءِ به لکندا رهيا آهن ۽ ان هڪجهڙائيءَ جي ڪري ٻئي هڪ ٻئي کي چڱيءَ ريت سمجهون ٿا

هن ٻڌايو ته هو پنهنجي والدين جي شادي جي ڪاميابي کي ڏسندي دوستي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي، هُن جو مڃڻ آهي ته عزت ۽ احترام کانسواءِ محبت جو ڪو به وجود ئي ناهي

واضح رهي ته جاويد اختر ۽ شبانه اعظمي بالي ووڊ جا تمام گهڻي عزت رکندڙ فنڪار آهن ۽ هن جوڙي 1984 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي خوشگوار شادي شده زندگي جي حوالي سان اڪثر ڳالهيون ڪندا رهندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔