جناح هائوس حملي سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي: عمران خان

لاهور: پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جناح هائوس حملي سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي ، جنهن جي مان مذمت ڪريان ٿو ، ائين نه ٿيڻ کپي ها .دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته هو جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪري ٿو .هن چيو ته حملي جي هر پاڪستاني مذمت ڪري ٿو ، جيئن ٿيو ائين نه ٿيڻ کپندو هو .

اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاريو هو ، سندس گهر ۾ دهشتگردن جي رهڻ جون ڳالهيون بيڪار آهن. پي ڊي ايم جي کنيل قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين سان رڳو ملڪ جي بدنامي ٿي آهي ، خوف جي فضا ۾ هي ملڪ نه ٿو هلي سگهي . 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم پاڻ ڦاسي پئي آهي .ان ئي بنياد تي چيو هو ته هڪ هفتي ۾ معاملا درست ٿي ويندا . هن چيو ته مشرف جي دور ۾ به ائين نه ٿيو هو ، هتي بنياد حق ختم ڪيا ويا آهن ،هاڻي رڳو عدليه ئي بچي آهي جيڪا بنيادي حقن کي تحفظ ڏئي رهي آهي . هن چيو ته مان آخري بال تائين کيڏڻ وارو ڪپتان آهيان پوئتي نه هٽندس آخري بال تائين وڙهندس .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔