مٿي الله، هيٺ عدليه، انشاءَالله سوڀ آئين ۽ قانون جي ٿيندي: شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ملڪي صورتحال بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 16 جون تائين آر يا پار ٿي ويندو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ هن پنهنجي گرفتاري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته لال حويلي جو ڪيس به هنگامي طور تي اڄ لڳايو ويو آهي جيستائين گرفتار نٿو ٿيان عوام سان رابطو رکڻ جي ڪوشش جاري رکندس.

شيخ رشيد چيو ته منهنجي ماڻهن کي غيرقانوني طريقي سان گهرن مان کنيو ويو آهي. ڏسڻو آهي ته انهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪن ٿا يا نه. مٿي الله هيٺ عدليه آهي انشاءَالله سوڀ آئين ۽ قانون جي ٿيندي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته سپريم ڪورت جو گهيراءُ عوام ۽ ادارن سان وڙهائڻ جي ناڪام سازش حڪومت جو ايجنڊا آهي. 13 پارٽيون پنهنجي نااهلي جي ڪاوڙ عوام تي ڪڍي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت ضمانت ڏئي ٿي ته ريڊي ميڊ ايف آءِ آر تيار ٿي ويندي آهي. ملڪ سياسي، معاشي ۽ اقتصادي طور تي تباهه ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔