گڊ ٽو سي يو چوڻ تي تنقيد ٿي، اهو آئون هر ڪنهن کي چوندو آهيان: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته  گـُڊ ٽو سِي يُو چوڻ تي تنقيد ٿي، هر ڪنهن کي ڏسي چوندو آهيان توهان کي ڏسي خوشي ٿي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال سول ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل اصغر سبزواري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ڏسي خوشي ٿي، گهڻي وقت کانپوءِ توهان منهنجي عدالت آيا

هن چيو ته مان هر ڪنهن کي اهو چوندو آهيان، پر مون کي گڊ ٽو سي يو چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، چيف جسٽس نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران به پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو ذڪر ڪيو

 ڪراچي مان وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪندڙ وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کان پري آهيو

مخدوم علي خان چيو ته اڄڪلهه حالتون اهڙيون آهن جو پڪ نه هئي ته عدالت پهچي سگهندس، اڄڪلهه ته سوشل ميڊيا به نه پئي هلي جو معلومات ملي سگهي

 چيف جسٽس چيو ته سوشل ميڊيا تي ته “گڊ ٽو سي يو خان صاحب” به غلط انداز ۾ هلايو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔