مسلم باغ ۾ ايف سي ڪيمپ تي دهشتگردن جو حملو، 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: اتر بلوچستان ۾ فرنٽيئر ڪور(ايف سي) جي ڪيمپ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ آرمي جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر بلوچستان جي علائقي مسلم باغ  ۾ ايف سي ڪيمپ ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. ان دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته پاڪ فوج دهشتگردن کي بلڊنگ ڪامپليڪس تائين محدود ڪري ڇڏيو. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ايف سي ڪيمپ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔