تحريڪ انصاف جو احتجاج: قومي ناڻي کي هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جو نقصان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي احتجاج سبب قومي ناڻي کي هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي.

اختيارين طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٽيلي ڪام سيڪٽر کي پوڻا 2 ارب روپين جي لڳ ڀڳ نقصان جو اندازو لڳايو ويو  جڏهن ته ٽيليفون، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا جي بندش سبب تقريبن 60 ڪروڙ روپين جي ٽيڪس روينيو جو نقصان ٿيو

احتجاج سبب سڄي ملڪ جو لکين ڏهاڙيدار مزدور طبقو روزگار کان محروم رهيو جڏهن ته ٽرانسپورٽ بند هجڻ سبب ٽرانسپورٽرز جو ڪاروبار به متاثر ٿيو.

ايف بي آر ذريعن موجب رستا بند ٿيڻ سبب مارڪيٽن ۽ دوڪاندارن کي به ڪاروبار ۾ نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ڪاروبار يا روينيو جي نقصان جو سرڪاري سطح تي ڪوبه اندازو ناهي لڳايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔