پي ٽي آءِ پرتشدد احتجاج ختم ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جا مخالف آهيون، تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج ختم ڪرڻ اعلان ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي، پابندي آخري آپشن طور موجود آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اصولي طور ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ نه آهيون. حالتن کي ڏسي فيصلا ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن اهڙو ڪوبه فيصلو ٿيو ته اهو مجبوري سبب ڪيو ويندو. جيڪا دهشتگردي ڪالهه ڪئي وئي ڪابه پارٽي ائين ڪري ها ته کيس نتيجن کي منهن ڏيڻو پوي ها.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جيڪڏهن سياسي پارٽي رهڻ چاهي ها ته پر امن احتجاج جو سڏ ڏئي ها. سياستدان گرفتار ٿيندا آهن ته ان سان سياست جو نقصان ٿيندو. اسان ڪڏهن به خوشي ناهيون ملهائيندا نه ئي وري مٺايون ورهائيندا آهيون. پ پ شروع کان ئي نيب جي خلاف آهي پر پي ٽي آءِ نيب جو دفاع ڪيو. چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ۾ 2008 کان 2013 تائين نيب کي بند ڪرڻ شامل هو. عمران خان نيب کي بچائڻ لاءِ مهم شروع ڪئي.

پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اها سياسي پارٽي طور ڪم ڪرڻ چاهي ٿي يا رياست خلاف هٿياربند ويڙهه ڪرڻ گهري ٿي. جي ايڇ ڪيو تي طالبان کان پوءِ پي ٽي آءِ حملو ڪيو، مون اڳ ئي چيو هو ته توهان پنجاب جو الطاف پيدا ڪري رهيا آهيو. پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو هو ته عمران خان جي گرفتاري تي سياسي احتجاج نه ڪيو ويندو. جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، تحريڪ انصاف هاڻي پرتشدد ڪارروايون ڇڏي ڪيسن کي منهن ڏئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔