خيبرپختونخواهه ۾ پرتشدد مظاهرن دوران 7 ڄڻا مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي

پشاور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري خلاف خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجي مظاهرن دوران 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 104 زخمي ٿي پيا.

پوليس اختيارين موجب مظاهرن دوران پشاور ۾ 4، ڪوهاٽ ۾ 2 ۽ دير ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٻن ڏينهن جي مظاهرن دوران گڏيل طور تي 104 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن مان ايس پي او، ايس ايڇ او ۽ رينڪ جي چئن آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت 36 ڄڻا زخمي آهن.

پوليس اختيارين موجب مختلف علائقن مان پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 296 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته وفاقي ڪابينه امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪابينه پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔