سجل ۽ احد هڪ ئي شادي تقريب ۾ شريڪ، تصويرون وائرل

ڪراچي:خوبصورت اداڪارا سجل علي ۽ احد رضا مير هڪ ئي شادي تقريب ۾ شريڪ ٿيا، تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچي ويو. تفصيل موجب سماجي شخصيت حامد حسين جي پٽ جي شادي تقريب ۾ ٻنهي خاندانن جا ڀاتي پڻ شريڪ ٿيا، سجل علي ۽ احد رضا ميرسميت ڀاتين جي ڪابه گڏيل تصوير سامهون نه آئي، ٻنهي خاندانن شادي ۾ شريڪ مختلف شخصيتن سان گڏ تصويرون پڻ ڪڍرايون، ڌار ڌار نڪتل تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچي ويو، صارفين سندن عليحدگي بابت تبصرا ڪرڻ لڳا. شادي تقريب ۾  نديم بيگ، عمر خان، عائشه عمر، علي انصاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔