عمران خان جي گرفتاري: باهيون ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد:سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ جهڙي طرح جو رد عمل آيو اهو سموري ملڪ ڏٺو. پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجن ڪارڪنن کي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جو چئي رهيا آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪالهه ڪيو ڇا اهو عوامي رد عمل هو؟ اهو سڀ ڪجهه منصوبه بندي تحت ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ چون ٿا ته جيڪو ڪالهه ٿيو اهو اسان ناهي ڪيو، هنن ڪالهه اهو ڇو نه چيو ته اهي ماڻهو اسان جا نه آهن.

اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪالهه عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا، انهن جي اڳواڻن  کين ڇو نه روڪيو، ڪابه سياسي پارٽي اهڙي قسم جو رد عمل ناهي ڏيندي. مريم اورنگزيب چيو ته اسان جا ماڻهو به گرفتار ٿيا هئا، نوازشريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُالله، سعد رفيق سميت ٻيا اڳواڻ به گرفتار ٿيا هئا. شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو ۽ آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو پر اسان ڪڏهن به اهڙو رد عمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ ڪالهه ڏنو آهي. پي ٽي آءِ  جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ملڪ گذريل ڪيترن سالن کان ڏسي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته جيڪو قانون کي هٿ ۾ کڻندو اهو نه پاڪستاني آهي نه ئي وري پاڪستان جو شهري. ڪالهه سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا. سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي اهڙو عمل برداشت نه ڪيو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔