اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست کڻي آيا هئا جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته  کين عمران خان سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي.

اسد عمر اها درخواست کڻي چيف جسٽس جي   عدالتي ڪمري طرف ويو جنهن کان پوءِ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ويجهو لائبريري ۾ پهتو جتان کان ٻاهر نڪرڻ تي اسلام آباد پوليس جي اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو.

ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيلن اسد عمر جي گرفتاري تي مزاحمت جي ڪوشش ڪئي جنهن تي فورسز ۽ وڪيلن ۾ تلخ ڪلامي به ٿي جنهن کان پوءِ اهلڪار اسد عمر کي کڻي روانا ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔