عمران خان کي جسماني رمانڊ  لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي جسماني رمانڊ  لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، اسلام آباد پوليس پاران پوليس لائين گيسٽ هائوس ۾ عدالت لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، عمران خان تي توشه خانه ڪيس ۾ به فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

 ٻنهي عدالتن کي پوليس لائينز منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري آهي، ذريعن موجب عمران خان کي نيب راولپنڊي کان اسلام آباد پوليس لائينز منتقل ڪيو ويو، پوليس لائينز اسلام آباد کي سب جيل جو درجو ڏنو ويو

عمران خان جو طبي معائنو به ڪيو ويو، نيب عمران خان جي طبي معائني لاءِ 7 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو، پمز جي ٽيم به عمران خان جو طبي معائنو ڪيو، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔