عمران خان جي گرفتاري: اسٽاڪ مارڪيٽ 400 پوائنٽس ڪري پئي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي اسٽاڪ مارڪيٽ 100انڊيڪس چار سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي سان بند ٿي

اسٽاڪ مارڪيٽ بروڪرز جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۾ دير جي خبرن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ اڳ ئي دٻاءُ جو شڪار هئي، جنهن سبب سيڙپڪار شيئرز خريد ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري رهيا هئا

بروڪرز موجب عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ مارڪيٽ وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿي ۽ شيئرز مارڪيٽ ۾ ماڻهن رڳو خوف مان شيئر کپائي ڇڏيا

اسٽاڪ مارڪيٽ بروڪرز موجب اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري سان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام وڌڻ جو خدشو آهي، جنهن جا اسٽاڪ مارڪيٽ تي ناڪاري اثر پيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔