پوليس تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.

ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو، سري نگر هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ تي 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

ياد رهي ته ڪجهه دير اڳ نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان  گرفتار ڪيو هو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب عمران خان کي ليگل وارنٽ ڏيکاري گرفتار ڪيو ويو. عمران خان سان سيڪيورٽي اهلڪارن ڪابه بدتميزي ناهي ڪئي. نيب چيئرمين پهرين مئي تي عمران خان جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا.

ٻئي طرف چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته عمران خان کي جنهن به گرفتار ڪيو آهي اهو غلط آهي. عمران خان جي ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق آءِ جي اسلام آباد کي 15 منٽن ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔