ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم مٿان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب مشين آپريٽر نعيم مارجي ويو.

ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 8 ۾ حددخلين خلاف آپريشن لاءِ مقامي انتظاميه جي ٽيم پهتي ته قبضا مافيا طرفان فائرنگ ڪئي وئي.

جوابدارن جي فائرنگ سبب مشين آپريٽر نعيم مارجي ويو. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ضلعي غربي جي پوليس فائرنگ جي الزام هيٺ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن عدالت جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔